ارباب توڳاچي

ارباب توڳاچي

ارباب توڳاچي خانصاحب

ارباب توڳاچي خانصاحب: ارباب خانصاحب توڳاچي، ارباب خاندان جي مشهور سخي مرد ارباب مير محمد جو پٽ هو. ارباب خانصاحب توڳاچي سياست جي شروعات 1925ع کان ڪئي. راڄوڻي فيصلن جو ماهر هو. 1936ع کان 1956ع تائين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر (M.L.A) رهندو آيو.
1936ع ۾ پهريون ڀيرو خانصاحب عطا محمد پلي سان مقابلو ڪيائين ۽ کيس شڪست ڏئي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ M.L.A بڻيو. 1941ع جي اليڪشن ۾ غلام نبي شاهه کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ايم. ايل. اي بڻيو. 1946ع جي اليڪشن ۾ مير ملڪ محمد ٽالپر کي هارائي ٽيون ڀيرو ايم. ايل. اي طور ڪامياب ٿيو. 1956ع جي اليڪشن دوران سندس مقابلي لاءِ لطف علي دل ميدان ۾ لٿو، جنهن کي به ڪاميابي حاصل نه ٿي. ٿر جي عوام وڏي اڪثريت سان خانصاحب توڳاچيءَ کي ووٽ ڏئي پنجون ڀيرو ايم. ايل. اي طور ڪامياب ڪيو. ارباب توڳاچيءَ جي راڄوڻي جوڙ توڙ، ڏاهپ ۽ ٿر جي عوام لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙي خدمتن ڪرڻ عيوض انگريز سرڪار کيس ”خانصاحب“ جو لقب ڏنو.
1943ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي قرارداد پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو ته ان وقت ارباب خانصاحب توڳاچيءَ به پنهنجو قيمتي ووٽ قرارداد جي حق ڏئي ٿرواسين جي نمائندگي ڪئي.
خانصاحب توڳاچي 1971ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري آرامگاهه ڏيپلي تعلقي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ جي قبرستان ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.00.00  عيسوي

خانصاحب توڳاچي 1971ع ۾ لاڏاڻو ڪيو . سندس آخري آرامگاهه ڏيپلي تعلقي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ جي قبرستان ۾ واقع آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسڪو پارپولا
حڪيم محمد مراد چنا
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
آغا تاج محمد خان
چندناڻي ارجن (سي ارجن)
ريڊڪلف اوارڊ
جان الله شاهه رضوي
رشيد گل
ثابت بن دحداح
الهداد خان صوفي لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون